اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جي ??ڪاس آهي، 23 مارچ جو ڏينهن قوم جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي ??يثيت رکي ٿو، قومي سلامتي جي ??حفظ ۽ ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي پرڏيهي وزير هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن قوم لاءِ هڪ سنگ ميل جي ??يثيت رکي ٿو، ان ڏينهن اسان آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏڙن جي ??نهن قربانين کي تازو ڪريون ٿا جنهن جي ??روعات 1940ع ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان سان ٿي ۽ آخر ڪار 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جو عڪاس آهي، ان ڏينهن اسان قائداعظم سمورن اڳواڻن، بزرگن، شهداءَ ۽ پنهنجي هيروز کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن عظيم قربانيون ڏئي آزاد ملڪ جي ??واب کي عملي جامو پارايو. اهو ڏينهن اسان کي اهو موقعو به فراهم ڪري ٿو ته اسان پنهنجي ملڪ کي حقيقي فلاحي، ترقي پسند ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي ??زم کي ورجايون. ان موقعي تي آئون ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاڪستاني قيادت جو سڄو ڌيان ”نئون پاڪستان“ ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي سلامتي جي ??حفظ لاءِ به اسان پوري طرح پرعزم آهيون. اسان جو ڌيان، جاگرافيائي سياسي ترجيحن کان جاگرافيائي ??قت??ادي ترجيحن تي مرڪوز ٿي چڪو آهي. موجوده حڪومت پاڪستان کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪما، ترقياتي حصيداري ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي پاليسين تي عمل پيرا آهي. ان ڏينهن اسان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري واري حق جي ??دوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان به يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي ??مايت ڪريون ٿا.