اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آف??سرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪار??رد??ي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آف??سرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آف??س پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آف??سرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آف??سرن کي ڪار??رد??ي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آف??سرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آف??س پاران 833 آف??سرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آف??سرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آف??س 403 سرڪاري آف??سرن جي ڪار??رد??ي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪار??رد??ي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آف??سرن جي ناقص ڪار??رد??ي جو نوٽيس ورتو هو.