لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي و??يرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي و??يرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي و??ير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ش??ڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي و??ير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان ش??هه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.