اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر بدران ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن سميت آرگنائيزرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جي جلسي ۾ رڪاوٽ نه وجهنداسين باقي ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن کي نه ڇڏينداسين، ڪرسيءَ ڇڏي ڏيندس پر بدعنوان عنصرن کي اين آر او نه ڏيندس، اين آر او ڏنم ته اها سڀ کان وڏي غداري هوندي، مخالف ڌر سمجهي ٿي ته آئون انهن جي جلسن سا?? دٻاءُ ۾ اچي ويندس پر اها انهن جي غلط فهمي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي ملڪ جي ايشوز ۾ ڪا دلچسپي نه آهي، هي ماڻهو رڳو چاهين ٿا ته آئون انهن کي اين آر او ڏئي ڇڏيان، 22 ڪروڙ مان رڳو 15 لک ماڻهو ٽيڪس ??ين ٿا، ماڻهو ٽيڪس ??يندا ته ملڪ ترقي ڪندو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن جي دور ۾ ملڪ جو قرض 6 هزار ارب ڊالر مان 30 ارب ڊالرز تائين پهتو، قرضن جي قسطن جي ادائيگي سا?? ملڪ تي بار وڌي ويو، ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان فرار ٿيندڙ آزاد گهمي رهيا آهن، ڪجهه صحافي هاءِ ڪورٽ ويا ته نواز شريف کي تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، هي اربين رپيا ڦريندڙن کي اظهار راءِ جي آزادي جو نالو ڏئي رهيا آهن، اهڙي سوچ سا?? معاشري کي نقصان پهچي رهيو آهي، ماضي ۾ ڪراچي، بلوچستان، فاٽا ۽ گلگت بلتستان کي نظرانداز ڪيو ويو، بدقسمتي سا??ملڪ ۾ جنسي ڏوهه و??ي رهيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سا?? زيادتي ڪندڙن کي عبارتناڪ سزائون ڏينداسين، نبي ڪريم صه کانسواءِ ڪنهن کي رول ماڊل نه ٿو سمجهان، ??سا?? کي انهن جي زندگي مان سکڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ??سا?? جي ملڪ جو وڏو مسئلو آمدني ۽ خرچ ۾ خسارو آهي، اهو ٻن سا??ن جو نه پر گذريل 40، 50 سا??ن جو مسئلو آهي، (ن) ليگ جي 5 سا??ن جي دور ۾ روانگي واپار 5 سيڪڙو گهٽ ۽ آمدني واپار 60 سيڪڙو وڌيو، جڏهن روانگي واپار ۽ آمدني واپار جو ايترو وڏو فرق هجي ته ائين ڪهڙو ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو، سنگاپور جي آبادي 50 لک آهي ۽ ان جو روانگي واپار 323 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته حڪومت جي لاءِ پهريان ٻه سا?? مشڪل هئا پر هاڻي ملڪ جو رخ تبديل رهيو آهي، گذريل 50 سا??ن ۾ پهريون ڀيرو ??سا?? جو ملڪ انڊسٽريلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي، گذريل 17 سا??ن کانپوءِ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گذريل چئن مهينن کان سرپلس ۾ وڃي رهيو آهي ۽ روانگي واپار 25 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جيڪي ماڻهو پڇن ٿا ته ??سا?? ٻن سا??ن ۾ ڇا ڪيو، انهن کي ٻڌايان ٿو ته ??سا?? هي ڪيو آهي.