اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قطر سان دوستاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن کي مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي سطح تي غير معمولي صورت??ال پيدا ٿي وئي آهي، حڪومت وائرس تي ضابطو آڻن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، عالمي ۽ علائقائي سطح تي پارليامينٽن تي موجوده صورت??ال ۾ وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي، سينيٽ سيڪريٽريٽ جي موجب اهڙن خيالن ??واظهار هن سومر ڏينهن قطر جي سفير ش??خ سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات دو??ان ڪيو. ملاقات ۾ اهم معاملن، ڪورونا وائرس جي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، اداره جاتي تعاون تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين چيو ته قطر سان دوستاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي سطح تي غير معمولي صورت??ال پيدا ٿي وئي آهي، وبا جي خلاف عالمي سطح تي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.