اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان سان انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ملاقات ڪئي ۽ جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ??ڌل پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب ڊاڪٽر شيرين مزاري وزيراعظم ??مر??ن خان جي هدايت تي جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ??ڌل رپورٽ کيس پيش ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم مئي جي آخر ۾ جيلن ۾ قيد عورتن جي حالتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انساني حقن واري وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي هئي ۽ چار مهينن ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.