اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پار??يا??اني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم ن??وت?? ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظ??م ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حوالي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 هين قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي دوران پار??يا??ينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پار??يا??ينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پار??يا??ينٽ جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي بلن جي به منظوري ??ني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پار??يا??ينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ??ني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.