اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏ??ي. ??زيراعظم عمران خان به افغان صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن افغانستان ۾ ڪورونا جي ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ض??بطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪي?? جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغان امن عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن عمل جي موجوده رفتار کي آمريڪا طالبان امن معاه??ي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين الافغان ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.