اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ب??باءِ قوم محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ ??و جنهن پنهنجي بصيرت ۽ دورانديشي سان ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، اڄ ??سان کي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ان جي فرمانن ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ کي بنيادي ??صول طور اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، صدر چيو ته اڄ ??و ڏينهن اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آه?? اهو ڏينهن ان عظيم قائد جو جنم ڏينهن آه??، جنهن ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ اسان کي پاڪستان جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو.