اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي بهترين اسلوب حڪمراني جي فراهمي کي حڪومت جو اولين فرض قرار ڏي??دي چيو آهي ته پنجاب ۾ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي، وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ۽ هر علائقي کي ترقي جي بنا ڪنهن فرق جي موقعن جي فراهمي وارو نئون بلدياتي نظام هڪ انقلابي قدم آهي، نئين بلدياتي نظا?? سان فنڊن جي فراهمي، فيصلاسازي ۽ س??ولتن جي دستيابي مقامي سطح تي ممڪن ٿيندي، فرسوده نظام مان فائدو کڻندڙ مفاد پرست عنصر نظام جي تبديلي جي خلاف مزاحمت ڪندا ??هن پر انهن کي شڪست ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حقيقي طور تي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.