رياض-21 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب آمريڪا پاران غزه جنگ بندي جي ٺهرا??َ کي ويٽو ڪرڻ کا?? پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جومطالبو ڪيو آهي. روس جي ميڊيا جو چوڻ آه?? ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته سعودي عرب الجزائر پاران پيش ڪيل غزه جنگ بندي جي ٺهرا??َ کي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ کا?? پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت غزه پٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ فوري طور تي جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا هن وقت تمام گهڻا ضروري آهن جيڪي ٻٽي معيار جومظاهرو ڪرڻ کا?? سواءِ عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي پنهجي ذميواري کي پوري ڪري سگهن. بيان ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي فلسطيني شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي رد ڪندي ٻه طرفي رياستي حل ??ي عزم تي زور ڀريو آهي.