لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم شه??از شريف پاران مستقل حاضري کان ??وٽ جي ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت وزيراعظم شه??از شريف کي پيشي کان مستقل ??وٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئ??. ٻ??ڻي دوران وزيراعظم شه??از شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ??وٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شه??از پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ??وٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتي. وزيراعظم شه??از شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم شه??از شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ??وٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏيندي چيو ته شه??از شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ??وٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي وزيراعظم شه??از شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عدالت کي درخواست ڪئي ته وزيراعظم شه??از شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ??وٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شه??از شريف جي مستقل حاضري کان ??وٽ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ته شه??از شريف پاڪستان جو وزيراعظم آهي، عدالت وزيراعظم شه??از شريف جي ??وٽ لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عدالت وزيراعظم شه??از شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيراعظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌ??ين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شه??از شريف جي مستقل حاضري کان ??وٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ وزيراعظم شه??از شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ??وٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخواست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.