اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي آيو، پي ٽي وي غيرقانوني طور تي اي آر وائي سان سود?? ڪيو، ٻئي نمبر تي اچڻ تي واڪ ۾ به??ري آڻڻ جي گهرج ڪئي وئي، ناڪامي تي اي آر وائي کي ٺيڪو ڏيڻ جي لاءِ معيار ئي تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو، توهان هينئر کان ئي گهٻرائي ڇو ويا آهيو؟