اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وسائ?? جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ??يس??يو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي پتنئي، مينگوره ۾ باهه وسائي رهيا آه??، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائ?? جي لاءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه وسائ?? جي لاءِ فضائي امداد فو??ي فراهم ڪئي وڃي.