نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌ??ئڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيه?? وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم منصب موولت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خوراڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاندار ۽ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع البنياد تعاون وڌ??ئڻ جي عزم کي ورجاي??. ه?? چيو ته هن سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويند??. ه?? ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي موقف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏيه?? وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاه ڪي??. ه?? مختلف عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيه?? وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهي??. ه?? ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌ??ئڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.