اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نما??ان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران ج??ري ب??ان موجب وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوه??ري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي بجلي جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان بجلي جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عمران حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت قوم کي هر مهيني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آه??. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 6 ارب ۾ ايل اين جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو ??هو قوم کي 20 ارب ۾ پئجي رهيو آه??، عمران حڪومت جو اهو ??لم قوم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.