اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڄمون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذربائيجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران ??ان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي ل??ڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سي??حت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي ساراهيو. هن آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي وا??ار??ل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ?? خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي ساراهيو. آذربائيجان جي دفاع واري وزير آذربائيجان جي صدر پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.