اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لا??ِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس فائل ڪيو ويندو، ??پر??م ڪورٽ کان راءِ گهر?? ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جي ميمبرن واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي، ريڪوزيشن تي اسيمبلي اجلاس جي تاريخ ڏيڻ اسپيڪر جي صوابديد آهي، ??پر??م ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪو آهي ته جتي نا??هلي جو مدو لکيل ناهي اتي نا??هلي تاحيات هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن کين آزاداڻي فيصلي جو اختيار هجڻ گهرجي ۽ کين آزاد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تي ابهام ختم ڪرڻ لا??ِ سپريم ڪورٽ کان پڇيو آهي ته توهان ٻڌايو ته هارس ٽريڊنگ جي آئين اجازت ڏي ٿو يا نه، ان حوالي سان صدارتي ريفرنس ??ه موڪلي رهيا آهيون جنهن تي ??پر??م ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪنداسين. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ??پر??م ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته جتي نا??هلي جو مدو لکيل ناهي اتي نا??هلي تاحيات هوندي ۽ اسان ??پر??م ڪورٽ کان به پڇيو آهي ته جيڪي ماڻهو نا??هل هوندا، اهي ٻيهر اليڪشن وڙهي سگهندا يا تاحيات انهن تي پابندي هوندي، هن چيو ته صدارتي ريفرنس سومر تي داخل ٿ?? ويندو، ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ ??پر??م ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌايو آهي ته شوڪاز جو پراسيس الڳ هوندو، شوڪاز نوٽيس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويندا، هڪ طرف اسپيڪر نا??هلي جي ڪارروائي شروع ڪندو ۽ ٻي طرف ??پر??م ڪورٽ کي چئي رهيا آهيون ته ان ريفرنس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ٻُڌائي. چوڌري فواد حسين چيو ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد جائز طور تي سنڌ حڪومت جي غير آئيني قدمن کان وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان چيو آهي ته اهو آپشن موجود آهي، هن چيو ته تنهن هوندي به اسان فيصلو ڪيو آهي ته في الحال ان تي عمل نه ڪنداسين پر آئيني بحران اهڙي طرح جاري رهيو ته ان تي غور ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ عظيم عاليشان جلسي جون تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن، 27 مارچ تي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، جنهن جي اڃان تاريخ حتمي نه آهي، هن چيو ته رانا ثناءُ الله 25 مارچ تي اچڻ چاهي ته اچي وڃي، کيس پاڻي به پيارينداسين ۽ خاطر خدمت تي به غور ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تحت ٻه ڌار ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هڪ ڪارروائي نا??هلي لاءِ ۽ ٻي ڪارروائي ??پر??م ڪورٽ کان ٻه ڌار پڇيل سوالن بابت آهي، هن چيو ته اسپيڪر وٽ اختيار آهي، هو فيصلو ڪندو ته ريفرنس جو انتظار ڪرڻو آهي يا نه ۽ تاريخ اسپيڪر مقرر ڪندو.