اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي چونڊن ۾ رد ڪيل 23113 ووٽن جو حوالو ڏيندي چيو آ??ي ته انهن چونڊن مان اهو واضح ٿي ويو آ??ي ته تبديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ ??تي??ن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان پي ٽي آءِ جي اميدوار کان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ??تي??ن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري رد ووٽن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آ??ي. هن چيو ته 2013ع جي چون??ن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته اهي مخالف ووٽن کي رد ڪرائي چونڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ ??تي??ا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چونڊن ۾ 63610 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي.