فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد فيض الحسن شاهه، حاجي امتياز ا??مد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي ۽ وجيهه اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان م??مد اختر ح??ات?? چوڌري لياقت علي، م??مد ارشد چوڌري، م??مد اخلاق، م??مد طارق تارڙ، گلريز افضل گوندل ۽ م??مد ا??مد چٽه به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوام جي مسئلن جي جلد کان جلد حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪن، وزيرا??ظم کين ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.