اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون رکندي موثر قدم کڻڻا ??ون??ا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گر??پ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي سين??ر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گر??پ جو اجلاس آبي سفارتڪاري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ويچار لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي وسيلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري آهي، شاهه محمود قريش?? چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي موثر قدم کڻڻا ??ون??ا.