اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀ??ئر??ڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿ?? ۽ ??ندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿين??ڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، مملڪتي وزير فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.