اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??مو?? ۽ ڪشمير ڪو علائقائي تڪرار نه آهي پر اڳوڻي رياست ??مو?? ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو معاملو آهي، ??مو?? ۽ ڪشمير جو تڪرار انساني الميي، سياسي تباهي ۽ فاشٽ ڀارتي حڪومت پاران معصوم ڪشميرين جي نسلن جي انساني حقن کان مسلسل انڪار جو اداس چهرو پيش ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ پاڪ??تا??ي سفارتخان?? جي اهتمام هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير يوم حق خود اراديت جي حوالي سان ويبنار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ظلم والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير جي حدن کان نڪري پوري ڀارت ۾ پکڙجي ويا آهن ڇو ته ڀارت جي اندر به ب?? جي پي حڪومت ۾ اقليتن کي اهڙي ئي صورتحال درپيش آهي. انهن حالتن وزيراعظم عمران خان جي علائقائي رابطن ۽ خوشحال?? جي ويزن جي رستي ۾ رڪاوٽون اڀيون ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي ڪري خطي جا اربين ماڻهو مصيبتن جو شڪار آهن. وفاقي وزير چيو ته ??مو?? ۽ ڪشمير پاڪ??تا??ي عوام جي دلين جي گهڻو ويجهو آهي ۽ پرامن پاڪ ڀارت لاڳاپن جو خواب ڀارتي حڪومت جي انتهاپسنداڻي نظري?? جي هٿان شڪست کائي چڪو آهي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان کي ڀارت کي معصوم ماڻهن تي وحشياڻو ظلم بند ڪرڻ، والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻ ۽ گڏيل قومن سان تعاون تي راضي ڪرڻ گهرجي. جرمني ۾ پاڪ??تا?? جي سفير ڊاڪٽر محمد فيصل شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته عالمي برادري جو ??مو?? ۽ ڪسمير جي عوام سان حق خود اراديت جو واعدو ڀارتي هٺ ڌرم?? جي ڪري گذريل 73 سالن کان عملدرامد جي گهرجائو آهي. سفير ڊاڪٽر فيصل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سان آزادي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حق خود اراديت جي اجازت ملڻ تائين پاڪ??تا?? پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيـٺل رهندو.