اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي سطح تي بهترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزير?? جي آجيان ڪندي چيو ته صوب?? جي مطالبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي قيام تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي?? وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سان مشاورت سان قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سي سي آءِ ستين آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ڏيندي ”آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪميٽي جي سربراهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪريٽريز، نادرا جو چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عملدار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آدمشماري جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آدمشماري مشاورتي ڪميٽي جي سفارش?? جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي سطح تي بهترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آدمشماري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي?? وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته هڪ قابل اعتماد آدمشماري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهري?? جي ڀلائي جي منصوبن ۽ پاليسي?? جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلاس ۾ سي سي آءِ جي مالي سال 21 -2020ع جي لاءِ سالياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا اي??مز تي غور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عمل هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين روپي?? جي لاڳت سان سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪريٽريٽ قائم ٿي چڪو آهي. ا?? جي قيام سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي ضرورت?? جي معاملي تي صوب?? جي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.