اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??يادت ۾ ملڪي معيشت تر??ي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سال جي ??هرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضافي سان 8 ارب ڊالر، ??وا??گي واپار 38 سيڪڙو جي اضافي سان 7 ارب ڊالرز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ??وئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اضافي سان 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل ??وا??گي واپار 28 سيڪڙو اضافي سان 4.437 ارب ڊالر آهي، آءِ ٽي جي ??وا??گي واپار ۾42.7 سيڪڙو اضافي سان 635 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته لارج اسڪ??ل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي ??هرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته خريف جي ??صلن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب ڪمند جي ??يداوار ۾ 25 سيڪڙو اضافو، مڪئي 18 سيڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيندو.