اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي ته ج??ئن صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي روزگار جا موقعا به فراهم ??ري سگهجن. معياري تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته ملڪ جي ??ني ۽ صنعتي ترقي سڌو سنئون تعليم جي ??عيار سان ڳنڍيل آهي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وجهڻ لاءِ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز ان انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز جي ??ائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شفاعت احمد صدر کي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد تعليم جي ??روغ ۾ پنهنجي اداري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز انجنيئرنگ، مينيجمينٽ، بزنس ۽ ڪمپ??وٽ??گ جي شعبن ۾ بيچلرز کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين مختلف پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته في الحال 900 کان وڌيڪ شاگرد انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته هيستائين 3500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2017 کان يونيورسٽي مستحق شآگردن کي 54.3 ملين روپين جا وظيفا ۽ مالي امداد ڏني آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگردن ۾ تجزياتي ۽ منطقي سوچ جون مهارتون وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سر سيد احمد خان جي تعليم مستقبل ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڏئي سگهي ٿي. هن انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه تي شاگرن جو تعداد وڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي ??رچوئل صلاحيت کي به وڌائڻ تي زور ڏنو، هن پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۽ تعليمي شعبي کي ترقي ڏيڻ جي ??اءِ سرڪاري ۽ نجي ??ونيورسٽين سان سهڪار جي ضرورت ت?? به زور ڏنو. صدر ملڪ ۾ فني ۽ آءِ ٽي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊي جي ڪردار کي ساراهيو.