اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذلفي بخاري تي ڪوڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفع?? ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عا??ي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽو??يٽ ۾ ريحام خان کي ان ٽو??يٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي معافي نامو شيئر ڪيو، پنهنجي معافي نامي ۾ ريحام خان چيو ته مون 6 ۽ 7 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پنهنجي ٽو??يٽر اڪائونٽ تي ذوالفقار عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان الزام لڳايا هئا جيڪي غل?? ۽ ??وڙا ??ئا. ريحام خان پنهنجي ٽو??يٽ ۾ 7 ڊسمبر 2019، 15 مارچ 2020ع، 17 مارچ 2020ع ۽ 23 مارچ 2020ع تي ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي به چيو ته اهي غل?? ۽ ??وڙا ??ئا. هن ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط معافي گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.