اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته موجوده بحران ۾ افغان ??وا?? کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغانستان تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان ??هم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي، پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان ??وا?? جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان انخلا ۾ مدد فر??هم ڪئي، پاڪستان ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو ته اڄ هڪ ??هم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ پاڪستان جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خابرو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري فو??د حسين چيو ته اطلا??ات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊر ڪراسنگ اين او سيز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي انخلا ۾ مدد فر??هم ڪئي وئي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان جي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان جي انهن ڪوششن کي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري فو??د حسين چيو ته پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان ??وا?? کي هر ممڪن مدد فر??هم ڪندو، موجوده بحران ۾ افغان ??وا?? کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغانستان تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان ??هم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلا??ات واري وزارت افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان جو هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان افغانستان جي ??وا?? کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان انهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو مسئلو ڪيوبا کي پڻ درپيش آهي. اي پي پي سان خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلا??ات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان ??وا?? جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اطلا??ات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.