اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته افغانستان ??ي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوالي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آمريڪا جي و?? ۾ ??ڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ ??? آمريڪا لاڳاپن خاص طور تي افعانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ??فاقي وزير چيو ??ه وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ٽائيم کي پنهن??ي انٽرويو ۾ آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو ??هي. پنهن??ي انٽرويو ۾ وزيراعظم آمريڪا سان لاڳاپن جو هڪ نئون رخ بيان ڪيو ??هي. هن چيو ??ه ماضي ۾ آمريڪا سان لاڳاپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آمريڪا سان سيڪيورٽي لاڳاپن بدران اقتصادي ??اڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ??ه وزيراعظم نيويارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ۾ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.