اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئ?? جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پاڪستا?? جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستا?? جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٻڌه?? جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ماڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي مثال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌه?? جي مقدس ماڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنه?? جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سهولتون ف??اه?? ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائرين کي پنهنجي مقدس ماڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ٻڌه?? جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي سا??اه??و، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائرين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پاڪستا?? جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.