اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل ٽيرف پاليسي 24 – 2019ع تحت 152 ٽي??ف لائينز، جنهن ۾ گهڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪ??و ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي ۽ گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بن??ادي ڍانچي جي سهولتن، پاڻي جي سيوريج ۽ فراهمي جي نظام جي لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاسڪو کان خيبرپختونخواهه جي لاءِ 2 لک ميٽر?? ٽن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 80 هزار ميٽر?? ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽر?? ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ نئين فصل ??ي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.