اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر ??سد قيصر چيو ته ملڪي ترقي جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ سموريون سياسي پارٽيون قومي اهميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر مو??ود سمورين سياسي پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ??يو وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم سان حل ??يو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورونا وبا جي باو??ود قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپيڪر ??ن اعتماد جو اظهار ??يو ته مستقبل ?? ايوان ۾ مو??ود سياسي پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.