اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوا??ي سان مدرسن سان طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي حوا??ي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحال جي پيش نظر سمورن تعليم جي صوبائي وزيرن جي مشاورت سان تعليمي ۽ تدريسي عمل جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جي حوا??ي سان گڏيل حڪمت عم??ي جوڙي وڃ??، ان سان گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوا??ي سان خ??شن کي ختم ڪرڻ جي حوا??ي سان به حڪمت عم??ي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتون تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال جي ڏس ۾ تعليم جي حوا??ي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوا??ي سان منعقد جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.