اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ متحده عرب امار??ت ٻه طرفي لاڳاپن کي بلندي?? جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، خميس ڏينهن متحده عرب امارات (يو اي اي) جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيا?? جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان جاري پڌرنامي موجب يو اي اي جي ولي عهد پاڪستان جي هڪ ڏينهن تي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ولي عهد سان گڏ ڪابينا ميمبرن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به هو.