اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ب?? سهارن غريبن کي ڇت ۽ کاڌو فراهم ڪري رياست پنهنجي ذميداري پوري ڪري رهي آهي، س??ت سردي ۾ ڏڪندڙ بي گهر ماڻهن لاءِ سائبان جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جي احساس جو مظهر آهي، (ن) ليگي ترجمانن جو پناهگاهن کي هروڀرو تنقيد جو نشانو بڻائڻ غريب دشمني آهي. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته س??ت سردي ۾ ڏڪندڙ بي گهر ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي دستيابي وزيراعظم عمران خان جي احساس جو مظهر آهي.