اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قيمتن تي م??ثر ڪنٽرول جي لاءِ سمورن انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، پرا??س ڪنٽرول جي حوالي سان هر هفتي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس، ملڪي ضرورتن جي ڏس ۾ ضرورت جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستقبل جي م??صوبابندي جي حوالي سان هڪ ٺوس نظام جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان صوبائي حڪومتن پاران کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدار?? ڪندي ڪيو.