شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نالو نڪرڻ تي يورپي ملڪن جي تعاون ک?? ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪ??ڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪلائمينٽ امپلي مينٽيشن سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين ڪمشنر ارسلاوون ڊيرلين ملاقات ڪئ??. وزيراعظم يورپي يونين ملڪن جي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي جذبي ک?? ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪ??ڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي، اسرندڙ ملڪن اڄ جن اثرن جو مقابلو ڪ??ي رهيا آهن، سڀاڻي سموري دنيا کي ان جو خميازو ڀوڳڻو پوندو. وزيراعظم فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ ۾ يورپي ملڪن جي تعاون ک?? ساراهيندي چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. يورپي يونين جي ڪمشنر ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.