اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٻوڏ متاث??ين جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻوڏ متاث??ين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان ??ي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ متاث??ين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيج??ين?? سسٽم، ٻوڏ سٽيل ??لا??قن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.