نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڪستان کي قرضن ۾ ريليف ڏين ڇو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ بدتر??ن ٻوڏ ??ان انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، دنيا کي ان ??ورتحال ۾ ا??ان جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ??ڳو پنهنجي وسيلن ??ان ان ??ورتحال جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان کي قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن جڏهن ته ٻوڏ ??ان ا??ان جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. ”بلومبرگ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت مون کي پنهنجي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ها ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ??ان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن کي ريليف جي ضرورت آهي پر آئون دنيا کي صورتحال کان ??گاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري بدتر??ن ٻوڏ درپيش آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٺهندڙ عملن ۾ ا??ان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ ??ان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 400 ٻارن سميت 1500 ماڻهو ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي وئي، 10 لک گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جو انگ به لکن ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ان ??ورتحال کان ??گاهه ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ??ڪيلو ان ??ورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڻ پاڪستان ??و دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چيو ته هن اهڙي تباهي اڳ ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظم چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون سميت عالمي اڳواڻن ان ??والي ??ان گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقريرن ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي هن وقت وڏي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ا??ان جي جيڪا مدد ڪئي ان ??ي ٿورا مڃون ٿا پر ا??ان کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ فوري مدد جي ضرورت آهي. لک??ن ٻار بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن، بيٺل پاڻي ??ان وبائي مرض پکڙجي رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خوراڪ، خاص طور تي ٻارن جي غذا جي ضرورت آهي، ٻوڏ ??ان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، ا??ان کي ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي ضرورت آهي، متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي ۽ زراعت ۽ صنعت کي بحال ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دنيا ا??ان کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم دنيا جي خوشحال ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي قرضن جي ادائيگي ۾ ريليف ڏنو وڃي ڇو ته ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان ??ي قرضن جي ادائيگي جي وڏي ذميواري آهي، تازو ئي آءِ ايم ايف ??ان سخت شرطن تي معاهدا ٿيا آهن، هر مهيني بجلي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس لڳائڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان ??ي لاءِ اها مشڪل صورتحال آهي، خاص طور تي جڏهن ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو چئلينج درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون غيرمتوقع طور تي تمام گهڻو وڌي چڪيون آهن، سرديءَ جي لاءِ گئس جي کوٽ آهي، ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي ا??ان مان ??ميدون وابسته ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي ا??ان جي مدد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته روس جي صدر ملاقات ۾ گئس جي فراهمي جي حوالي ??ان جائزي وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر اڃا تائين ان ??والي ??ان ڪا ڪمينٽمينٽ ناهي ٿي. پاڪستان ??وس ??ان ڪڻڪ جي خريداري جو به خواهشمند آهي پر ٻوڏ جي ڪري زمين ڪڻڪ جي پوکائي جي لاءِ تيار نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ا??ان جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪستان ??ي سياسي صورتحال جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ا??ان کي اتحاد، يڪجهتي، مصالحت ۽ امن جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال ا??ان کان ??خوت ۽ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊرائڻ جي گهرج ڪري ٿو، هي وقت گڏيل اختلافن ۽ سياست جو نه آهي، انسانيت جي خدمت ۽ متاثرين جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين کي ڪمبل، دوائن، خيمن، خوراڪ جي ضرورت آهي، ا??ان کي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان ??ڳتي به وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دنيا هن مشڪل صورتحال ۾ ا??ان جي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇو ته موسمياتي تبديلين کان ??ڄ ا??ان متاثر آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو به متاثر ٿي سگهي ٿو. ڀارت ??ان لاڳاپن جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن ۽ ا??ان کي پرامن پاڙيسرين طور تي رهڻو آهي، امن جو قيام واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي ا??ان پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجا گڏيل تڪرار طئي ڪري سگهن ٿا.