اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي ??دد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي ??وقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي ??دد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري کي پاڪستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ??يجهو آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي ??يزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي ??دد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پاڪستان جي ??ٿياربند فوج متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري جنرل کي ان مقوعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران متاثرين جي ??دد جي ??اءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.