اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) چيو آهي، ??ه ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ عام واهپي وارين شين ۽ امدادي سا??ان تي سيلز ٽ??ڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ايف بي آر جي ترج??ان ٻڌايو ته ايف بي آر کي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ عام واهپي وارين شين تي ٽ??ڪس ڇوٽ بابت ڪيترائي سوال ملي رهيا آهن. ترج??ان وضاحت ڪئي ??ه ٻوڏ متاثرن لاءِ مقامي ۽ امپورٽ ٿيل شين ۽ خوراڪ تي سيلز ٽ??ڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي تصديق ضروري آهي. ترج??ان وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي، ته سيلز ٽ??ڪس جي ڇوٽ 30 آگسٽ 2022ع کان وٺي 90 ڏينهن جي مدي لاءِ آهي.