اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ وفاقي وزير ساجد حسين طوري چيو آهي ته بهادر ڪشميرين کي ڀارتي ظلمن ۽ غيرقانوني قبضي جي خلاف جدوجهد تي خ??اج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت ڪندي هن چيو ته آزادي ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق آهي، گڏيل قومون ڀارتي فوج جي انسانيت خلاف ڏوهن جو نو??يس وٺي، گڏيل قومون پنهنجي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، اڄ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪ??في??، ظلم ۽ ڏاڍ جا ٽي ڪارا ترين سال مڪمل ٿيا، مودي گڏيل قومن جي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي.