اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ??ار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ??ار?? صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن ??رڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع ??ار?? وفاقي وزير چيو ته ??سا?? پنهنجي نو??وا?? نسل کي ڪشمير جو پاڪستان سان رشتو ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. ??سا?? هڪ قوم جي حيثيت سان ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير سان ??سا?? جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي، ڪشمير ڪڏهن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا آهن ??ر اهو ڪافي نه آهي، ڪشمير جو مسئلو 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ پاڪستاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏينهن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، پاڪستان جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ ??سا?? جي فوج جنگيون وڙهيون، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين کي ڪشميرين سان وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ??ار?? صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ??لهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان ۾ هر حڪومت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن ??قت هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نو??وا?? نسل کي ان تڪرار بابت آگاهي جي ضرورت آهي. ??سا?? کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار اهو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. حڪومت، ميڊيا، پرڏيهي وزارت کي ان ڪيس کي جارحاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تائين پاڪستان جي حمايت جاري رهندي. ان جذبي کي جاري ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نو??وا?? نسل کي ان مسئلي ۽ ان جي پاڪستان جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي پاڪستان جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حريت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.