فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ ايف ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين چوڌري لطيف نذر چيو آهي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت جي خاتمي جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم اڄ جمعي ??ينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائيندي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت بحال ۽ ڪشميرين کي ??ودمختيا??ي جو حق ڏيڻ تائين پاڪستاني قوم پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير گڏيل قومن جو سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي پر عالمي ادارن ۽ عالمي قوتن والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي رياستي ڏاڍ ۽ تشدد تي مسلسل خاموشي اختيار ڪري رکي ??هي. هن چيو ته جانورن تي ظلم خلاف منظم تحريڪون هلائيندڙن کي معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم نظر نه ٿا اچن جيڪي ٽن سالن کان دنيا جي سڀ کان وڏي جيل نما واديءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ??وس حڪمت عملي جي ??تيجي ۾ ڪشمير مسئلي کي نئين جدت ملي آهي ۽ مسلسل سفارتڪاري دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏني آهي. هن چيو ته ان ڏينهن جي اهميت کي ??جاگر ڪرڻ جي ??اءِ سڄي پاڪستان وانگر فيصل آباد جي عوام به اڄ ڀرپور آواز اٿاريندي ته جيئن مرده عالمي ضمير کي ??جاڳ ڪيو وڃي. هن سول سوسائٽي تي زور ڏنو ته اهي جمعي ??ينهن الله تعاليٰ آڏو ٻاڏائي ڪشمير جي ??سئلي جي ??ستقل حل ۽ ڪشمير جي آزادي جي ??اءِ دعائون به ڪن.