ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو ??ند??تان جي ورڇ کان اڳ جو آهي، ڪشميري عوام ڊوگرا راڄ ۽ هندو است??صا?? جو شڪار رهي، انهن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان وانگر اسان به هندن جي غلامي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ مختلف موقعن تي اتان جي ماڻهن جدوجهد جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير است??صا?? ڏهاڙي جي ح??الي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي ??ند??تان انهن تي جارحيت ذريعي قبضو ڪري ورتو ۽ ننڍي کنڊ جي ورڇ جي و??ت جيڪي عالمي اصول طئي ٿيا هئا انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين معاملن کان اسان سڀ واقف آهيون، ڪشمير کي هڪ خصوصي صوبي جي ح??ثيت ڏني وئي هئي ۽ ان جي لاءِ ??ند??تان جي آئين ۾ شقون رکيو?? ويون هيون پر 3 سال اڳ 5 آگسٽ تي ان ۾ ترميم ڪري اهي شقون ڪڍيو?? ويون ۽ ان کي باقاعده ڀارت جو حصو قرار ڏنو ويو هو، هاڻي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اتي جيڪي خصوصي سهولتون ڏنيو?? ويون هيون اهي ختم ٿي ويون، غيرڪشميرين کي اتي آباد ٿيڻ جي اجازت ملي وئي، هي اهو طريقو آهي جيڪو يهودين اسرائيل ۾ استعمال ڪيو هو ۽ ان طريقي سان مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو، هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڪشميري ڪڏهن به پنهنجي ح??ن تان دستبردار نه ٿيندا ۽ آخرڪار انهن کي ڪاميابي ملندي. اسان اخلاقي طور تي، مالي طور تي، سياسي طور تي ۽ عالمي طور تي انهن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون ۽ اخلاقي طور تي اسان جي ذميواري به بڻجي ٿي ته ڪشميرين تي جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن انهن کان دنيا کي آگاهه ڪريون ۽ انهن جي جدوجهد لاءِ ڪوششون ڪريون ۽ هاڻي يقينن اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن ڪشميري آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگ??ند??.