لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته و??لا??يل ڪشمير ۾ آئين شڪني جون ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو س??هجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خ??تم?? وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن و??لا??يل ڪشمير جي آبادي جو تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ??ئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح دنيا تي واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي قبضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.