ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ برس??تن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوت ٿيندڙن ??ي وارثن کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينج تمام وڏو آهي، متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برس??تن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي ب??يف??گ دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، بجلي وارو مملڪتي وزير مير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ل??فٽيننٽ جنرل اختر نواز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ل??فٽيننٽ جنرل اختر نواز بلوچستان ۾ تازين برس??تن جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت ب??يف??گ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي بلوچستان ۾ برس??تن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن ??ي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي اندر ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيندڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو قومي الميو آهي ته ڊيمن ??ي وقت سر تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده چئلينج تمام وڏو آهي پر اسان متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته بحالي ۽ امداد جي لاءِ اين ڊي ايم اي، صوبائي انتظاميا ۽ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس جو ڄار وڇايو وڃي. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برس??تن سبب وسيع پئ??اني تي نقصان ٿيو. قيمتي انساني جانين جي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. وزيراعظم مقامي ۽ عالمي تنظيمن کي به ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ حڪومت جي مدد جي اپيل ڪئي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ل??فٽيننٽ جنرل اختر نواز ب??يف??گ ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 13 جون تي برس??تن جون پري مون سون سلسلو شروع ٿيو، 30 سالن جي سراسري جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ اٽڪل 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئ??. ب??يف??گ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هيستائين بلوچستان ۾ فوتگين جو ڪل انگ 136 آهي، جڏهن ته 70 ماڻهو زخمي آهن، 1100 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا جن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي، 2 لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، 20 هزار 500 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو، موٽروي ايم 8 ۽ ڪوئيٽا ڪراچي قومي رستو وڏي حد تائين بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلوچستان جي دوري تي لاهور کان ڪوئيٽا پهچڻ تي هوائي اڏي تي بلوچستان ??ي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو استقبال ڪيو جڏهن ته صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.