اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن کي ??دي?? تعليم سان ??راسته ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ مڪمل انسان ??ي لاءِ تعليم سان گڏ تربيت به ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي 26 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ معاشرو اخلاقيات ۽ قدرن تي خاص ڌيان ڏي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان ??هتر بڻائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته زماني ۾ تيزي سان ??ونما ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ??لم تائين پهچ وڌي چڪي آهي. هن چيو ته انسان ??ي تجزيه ??اري ۽ فيصلاسازي جون صلاحيتون بنيادي اهميت اختيار ڪري ??يون آهن. قدرتي وسيلن جي ڀيٽ ۾ انساني ۽ فڪري ??سيلن جي اهميت وڌي وئي آهي. صدر چيو ته موجوده دور ۾ علم ترقي جو واحد رستو آهي، پاڪستان کي هنرمند ۽ تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون معياري انساني وسيلن جو وڌيڪ انگ پيدا ڪن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ??اليانو اٽڪل 30 هزار شاگرد پيدا ڪري ??و، هنرمند نوجوان ??ن لائين خدمتن جي مدد سان ??وزگار ڪمائي رهيا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي اخلاقيات جي لحاظ کان ??رتري حاصل آهي. پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، پاڪستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ عوام وڌي چڙهي فلاحي ڪمن ۾ حصو وجهي ٿي. صدر چيو ته قيادت پاران ??حيح فيصلاسازي جي ضرورت آهي، فيڪ نيوز ۽ غيبت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. سر سيد احمد خان، علامه اقبال ۽ قائداعظم اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان مٿي اٿاريو. صدر چيو ته پاڪستان ??ي ترقي لاءِ جمهوريت، واپار ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته شاگردن تي معاشري جي ترقي ۽ ڀلائي جي خصوصي ذميواري ??اڳو ٿئي ٿي.