اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان ايئرپورٽ اچڻ تي مع??ز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مهمان صدر کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو. مع??ز مهمان کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سا?? ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن.