اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فنانس بل جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪ??و ويو آهي، ميمبرن کي حق آهي ته پيش ڪيل بل بابت کين آگاهه ڪ??و وڃي. حڪومتي پارلياماني پارٽي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پر??يه?? وزير چيو ته فنانس بل جي حوالي سان ناڻي واري وزير ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان شڪ شبهن کي ختم ڪيو ويو. پر??يه?? وزير چيو ته پارليامينٽ کي اهو حق حاصل آهي ته جيڪڏهن ڪٿي قانوني جهول کي ختم ڪرڻ ضروري هجي ته سادي اڪثريت سان ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪ??و ويو، ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ به فنانس بل تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.